سيتا بندر

سيتا بندر: سونا ٻنڊيءَ کانپوءِ سنڌو درياهه جو مشهور بندر سيتا بندر هو، جيڪو سيتا ضلعي دادوءَ ۾ هو. هتان جا ملاح اڳئين زماني ۾ سامونڊي ٻيڙا هلائيندا هئا. پوئين آخري دور ۾ سيتائي ملاحن جي ٻيڙي ’ڪراچي‘ لب درياهيءَ تي مشهور هئي. پوئين دور جي وڏي ۾ وڏي ٻيڙي ’محفل‘ هئي، جيڪا هڪ سو خرار ڪڻڪ جا يعني ٽي هزار مڻ بار کڻندي هئي، سيتائي ملاحن جي ٻيڙي ’ڪراچي‘ ٻئي نمبر تي وڏي ٻيڙي هئي.
سيتا بندر تمام مشهور ۽ سهڻو بندر هو. هن بندر تان تيلي ٻج، تيل، گيهه، داليون، اناج، گدرا، ڇانهيون، بيسڻ، ڪاٺ مان ٺهيل سامان، واڻ، تڏا، مصري، نڪل ۽ ڀڳڙا ٻاهر ويندا هئا ۽ ڪپڙو، ڪرانو، ڏونگي، ڏونگيءَ جو تيل (کوپرو)، گرم مصالحو وغيره سکر بندر ۽ شاهه بندر کان ٻيڙين ۾ هت پهچندو هو.


لفظ سيتا بندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو